سنڌ ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعليم: اها تعليم ڪنھن ڪم جي؟.

اها ڊگري ڪنهن ڪم جي جيکا هڪ تعليم يافته غريب نوجوان کي روزگار نه ڏئي سگھي. ھاٹي وري انڊيا سميت پاكستان ۾ به جالي ڊگرین وارو شوشو اڄ ڪلھ میڊیا تی عام آھی. جعلي ڊگرین جی ڪري وری مشیرن ء وزیرن جا عیش آھن. تازو ئی انڊیا جی تعلیم واری وزیر جی ڊگری به جعلی نکتی آھی. لفظ فیڪ ايترو ته زياده آهي جو آء ان کي فيڪزم چوندو آھیان. اھو ھڪ نظریو بٹجی ویو آھی.ھاٹی علم صرف اميرن جي ميراث بنجي ويو آهي.ان لاء ته اهو بس اميرن کي ٿو ٽيڪرائي. اسان جي تعليم جو معيار ته ڪنهن
کان ڳجهو ناهي. اھڙي تعليم
ڪنهن غريب جو مقدر ڪيئن تبديل ڪندي.
غريب جا ٻار ھڪ ته مشڪل سان پڙھن. جيڪڏھن پڙھن ۽ انهن کي ميرٽ تي نوڪري نه ملي ته پو۽ اها  پڙھائي غريب جي نظر ۾ ڪھڙي ڪم جي؟             
ڊگريون ته گھڻيون، پر ڪھڙي
ڊگري صحيح علم ۽ ھنر سيکاريندي اھو ته تعليمي ادارن ۾ سمجهايوئي نه پيو وڃي. بس ھڪ ڊاڪٽري ۽ ٻي انجنيئرنگ آ.
ڊگري ماحول ۽ معاشري مطابق ھجڻ گھرجي جيڪا روزمره جي زندگي ۾ ڪم اچي سگهي. مطلب ته اسان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو ڪنهن
انڊسٽري، بزنس ڪارپوريشن يا    لوڪل گورنمينٽ سان الحاق ناھي. نتيجي طور ڪاليج يا يونيورسٽي مان   نڪرندڙ شاگرد پروفيشنل زندگي ۾ اچڻ کانپوء مونجھاري جو شڪار ٿي وڃي ٿو. تعليمي ادارن ۾ ڪيريئر ڪاؤنسلنگ نه هجڻ برابر آھي.
ان کانپوء وري اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ گريڊن وٺڻ تي وڏو زور آھي.
آءُ ھاڻي ڳالھ  ڪندس انھن ويچارن غريبن جي جيڪي نه  پنهنجن ٻارن کي پرائيوٽ اسڪولن م پڙھائي سگهن ٿا ۽ نه وري انهن کي   وڏن گريڊن وٺڻ جي طاقت آھي. اهو مسئلو بس غريبن ڪاڻ آھي، ڪو غريب جو ٻار قسمت سان ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيو ته اها غنيمت سمجھبي، باقي اميرن جي ٻارن جا ته ٺٺَ آھن.                 
         ھڪ غريب خوددار جي ٻار ڪاپي ڪلچر جو بائيڪاٽ ڪيو، نتيجو اهو نڪتو جو غريب جون ٻارھين ۾ مارڪون گھٽ اچڻ جي ڪري ڊاڪٽري ۾ سليڪشن نه ٿي سگھي توڙي جو غريب انٽري  ٽيسٽ ۾ پنجهتر سيڪڙو   مارڪون کنيون. مقصد ته ان غريب جو ڪيريئر خطري ۾ پئجي ويو.
تعليم ۾ وري ڪاپي ڪلچر سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون آھن ان به گھڻو نقصان غريب جي ٻار کي رسايو آھي. اميرن جا عيش آھن ادا انهن جي ٻلي به ٻ مڻي. غريب شاگردن کي اها به خبر ناهي ته هو پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿا ھڻن.
اها پڙھائي ڪھڙي ڪم جي جو ھڪ شاگرد کي اھا خبر ناھي اھو پري انجنيئرنگ ۾ داخل آھي ان ڪري ھو زولاجي جو پريڪٽيڪل نه ڏيندو.
غريب جو ٻار جيڪو پنهنجي روزمره جي زندگي جا ڪم ڪار مثال طور: ھارپو ڪرڻٖ، باغ پوکڻ، واڍڪو ڪم ڪرڻ، لوهارڪو ڪم ۽ محنت مزدوري ڇڏي پڙھائي ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي يا ان جا چوڏھن،پندرهن سال صرف ڪرڻ کانپو۽ به نوڪري نه ملي ۽ خالي ڊگري ھٿن ۾ کنيو وتي ته پوءِ اھڙي تعليم ڪھڙي ڪم جي؟
منھنجو مقصد هرگز اهو ناهي ته غريب علم حاصل  نه ڪري، بلڪ منهنجو مقصد علم کي غريب جي لاءِ فائديمند بٹائجي. ڇاڪاڻ ته اهو سوال ھڪ غريب ٿو ڪري ته جيڪڏھن غريب جو ٻار
پڙھائي بجائي ھارپو ڪندو ته ان کي گھٽ ۾ گھٽ زمين ۽ ان ۾ پوکجندڙ فصل،باغ باغيچن،ميون ۽ ڀاڄين پوکڻ جو طريقو ته ايندو ۽ ھو پنهنجي پئُ جو    ٻانهن ٻيلهي ٿي گذاريندو. علم آھي ڊگري به آھي پر همراه بيڪار گهر ۾ ويٺو آھي. ”ڪانءُ مور جي چال سکي ته پنهنجي چال به وساري ويهي”. هونءَ به وڏڙا سچ چئي ويا آھن ته علم بادشاه آھي ۽ ھنر وزير آھي ۽ اڄڪلھ وزير ئي بادشاهن کي هلائين ٿا. اسان جي ملڪ جو علم اڃا   ڪنهن وزير جيان سياڻو ناهي ٿيو.
تازو ئي يارهين ۽ ٻارهين جا پيپر ٿي گذريا آھن پر جيڪا حالت علم جا پارکو، طالب علم ڪاپي ڪلچر جي ذريعي علم سان ٿا ڪن اها بيان ڪرڻ جوڳي ناهي. بس علم جي بي دردي سان بي حرمتي ٿئي ٿي.
ڪاپي ڪلچر جا قسم آهن. ڪي شاگرد پاڻ ڪاپي ڪن ته ڪن جي بدران ٻيا امتحان ۾ ويهن. ڪن جي لا۽ خاص ڪاپي جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو مطلب ته وقت کان اڳ پيپر آوءٽ ڪري ڪاپي پهچائڻ. ڪن شاگردن جون ڪاپيون امتحاني حال مان ڪڍرائي ڪنهن سبجيڪٽ ماهر کان لکرائڻ اهي به ڪم ٺيڪي تي ڪن. امتحاني حال ۾ بيٺل استاد جي ڪا به اهميت ناهي هوندي ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار مطلب ايماندار هجي. جيڪي شاگرد پورو سال اسڪول يا ڪاليج نه اچن انهن جو روب ڏسڻ جوڳو هوندو آهي. قصو مختصر ته ڪاپي ڪلچر عام آهي. جيڪڏھن ڪو استاد ڪنهن کي ڪاپي ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو ته شاگرد ان کي ڪنهن خلائي مخلوق وانگر گهوري ڏسندا.
قصو مختصر ته لينڊ مافيه کان وڌيڪ خطرناڪ هاڻي ڪاپي مافيه ٿي وئي آهي. ان ڪاپي ڪلچر جو فائدو به سڻڀي ماڻهوء لاءِ آھي. ڇاڪاڻ ته ڪير ڪيترو به ڪاپي ڪري اي ون گريڊ بورڊ ۾ ان کي ملندو جيڪو نقد رقم ڏيندو. غريب ۽ محنتي شاگرد جو ٔايَ گريڊ آيو ته غنيمت. وچولي طبقي وارا والدين به انهي سسٽم جو ناجائز فائدو وٺن ٿا باقي آهي ڏچو غريب جي   ٻار لا۽، نه جيڪو ڪنهن پرائيوٽ اسڪول ۾ پڙهي سگهي نه بورڊ مان مارڪون وٺي سگهي ۽ نه ئي معياري تعليم حاصل ڪري سگهي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته غريب جو ٻار وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ٻار سان به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي ۽ مايوس ٿي سورنهن سال تعليم حاصل ڪرڻ کانپو۽ به ميِرٽ تي نوڪري نه ملڻ جيڪري ڪوڏر ڪلهي تي کڻي مزدوري ڪرڻ شروع ڪري ٿو. اها ڊگري ۽ تعليم ڪهڙي ڪم جي جيڪا ڪنهن غريب جي ٻار جا قيمتي زندگي جا قيمتي سال اجايا وڃائي؟
اسان جي ملڪ ۽ سنڌ صوبي ۾ سٺن ۽ معياري ٽيڪنيڪل تعليمي ادارن جو اڻاٺ آھي. ٻاھرين ملڪن، دبئي سعودي عربيه ۾ ٽيڪنيڪل اسٽاف جي گهرج آهي، اسان جا ماڻهو اتي وڃي سٺو ناڻو ڪمائي سگهن ٿا بشرط اهي مختلف هنرن ۾ ماهر هجن. مثال طور پلمبر، اي سي ٽيڪنيشن، ڪمپيوٽر آپريٽر، اليڪٽريشن، درزي يا ماهر ڪپڙي جا ڊزائنر، ڪرين ڊرائيور، چترڪار،جديد واڍڪو ڪم ڪندڙ وغيره
بينظير يوٿ سپورٽ پروگرام ته ھڪ ڀلو حڪومتي منصوبو آهي پر اهو به سياسي اثر هيٺ آيل آهي خاص    ڪري اسان جي سنڌ جي ٻھراڻي ۾ ان پروگرام ۽ ان جھڙن ٻين منصوبن کي موءثر بڻائجي ۽ انهن ۾ ٿيندڙ
هنر جي سکيا کي وقت تي پورو ڪجي ۽ انهن منصوبن کي بلڪل عام ڪجي هر ضلعي،تعلقي ۽ ڳوٺ ۾ اھڙن منصوبن کي عام ڪجي.
خدارا ان ڪاپي ڪلچر واري ديمڪ يعني اُڏھي جنهن اسان جي سنڌ جي نوجوانن جي ذهنن کي اندران کائي کوکلو ڪيو آهي، اُن ديمڪ کي جڙ کان ختم ڪيو وڃي، ميرٽ کي عام ڪيو وڃي ته جيئن ڪو محنتي غريب جو ٻار زندگي کان مايوس نه ٿئي.حڪومت کي علم جا فائده عام ماڻھو کي ٻڌائڻ جي ڪا ضرورت ناهي بس جڏهن بنا سفارش ڪو غريب جو ٻار اي ايس پي، اسسٽنٽ ڪمشنر، جج، يا ليڪچرار وغيره ٿي ويو ته ان کي ڏسي ڪو ٻيو مايوس بڻيل غريب جو ٻار مزدوري ڇڏي محنت سان پڙھائي شروع ڪندو ۽ ائين  ئي تعليمي شعور وڌندو.
اصل ۾ غريبن ڪڏهن علم جو کٽيو ناھي کاڌو. بس ھڪ دفعو کٽيو کائيندا ته پاڻھي ئي پنھنجون نياڻيون به پڙھائيندا ته بند اسڪول به کولرائيندا.
ڪاپي ڪلچر بلڪل ختم ٿيڻ گهرجي ۽ اسان کي اهو احساس هجڻ گهرجي ته علم عمل ڪرڻ سان فائدو ڏيندو ڪاپي ڪرڻ يا ڪرائڻ سان نه. ڪاپي تڌھن ختم ٿيندي جڏهن سڀني تعليمي ادارن ۾ صرف انٽري ٽيسٽ جي اسڪور تي ئي داخلائون ٿين. خدارا پنهنجن سنڌي ڀائرن ۽ ٻچڙن تي رحم ڪيو انهن کي علمي معذور نه بڻايو. ڀلا آخر ڪيسيتائين اسان عقل کان انڌا ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل ۽ سياستدان پيدا ڪندا رهنداسين؟ آخر اسان سنڌين کي ڇا جو ڊڄ آ؟ ڀلا ڪاپي ڪنداسين پيا ته ھينئر تائين ڪھڙا ڦاڙھا ماريا آھن؟ ڪيترا سائنسدان ڪاپي جيڪري ٿيا آھن؟ ادا ڀلو آ ته اسان ھاڻي اکيون پٽيون، نه ته سڀاڻي ڪاپي ڪلچر جا پي ايڇ ڊي ڪندڙ نوجوان شاه ڀٽائي جي شاعري به ڪونه پڙهي سگهندا پو۽ وري مشرف پارو سنڌين کي نا اھلي جو طعنو ڏيندو.
ڀلا جي ڪاپي نه ڪنداسين ته ڇا ٿيندو وڌ۾وڌ چار پنج سال اسان جي نوجوان کي نوڪري نه ملندي يا داخلا نه ملندي بس نه؟ سڄي زندگي معذور ٿي ڪاپي جي سھاري تي هلڻ کان بهتر آھي ته چار پنج سال محنت ڪري ڊگري وٺون. چار پنج سال سنڌ ٻين صوبن کان پوئتي رهي محنت ڪري پو۽ سڄي حياتي هر قوم کان اڳتي هوندي. اها درخواست سڀني علم جي پارکن ۽ علم جي ڳولا ڪندڙن کي آھي. ھڪٻئي جي
مدد ڪاپي ڪرائڻ ۾ نه بلڪه علم کي عام ڪرڻ ۾ ڪريو.
منهنجا ساٿيو ۽ علم جا خزانا دل ۾ سانڍڻ وارا سائنسدانون، سَرجي… انهن حڪيمن وانگر نه ٿيو جن حڪمت جي ڪتابن کي دفن ڪرڻ پسند ڪيو پر ڪنهن کي پنهنجو علم نه ڏنو . نتيجاً اهي قومون هزارين سال علم جي لحاظ کانپوئتي پئجي ويون. مسئلو سادو آ اسان سنڌين کي ھڪٻئي جي مدد ڪرڻي آ، تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻئ آ. اسان پنهنجون سڀ طاقتون علم جي واڌاري لا۽ صرف ڪيون، بس جيڪو سائنسدان آهي اهو جلدي ٻيا سائنسدان پيدا ڪري، ليکڪ ٻيا لکندڙ پيدا ڪري، اديب ٻيا اديب، مصور ٻيا مصور، ڪاريگر ٻيا ڪاريگر، مطلب هر ڪو پنهنجو هنر، علم ٻئي تائين ايمانداري ۽ سچائي سان پڄائي. مونکي پڪ آ جيڪو پاڻ ماهر آ ان کي ٻئي ڪنهن اناڙي کي ماهر ڪرڻ ۾ دير نه لڳندي ۽ اهو ڪم ممڪن آھي. اصل قومپرست اهو آ جيڪو پنهنجي قوم لا۽ ڪجه ڪري وڃي. وڻ پنهنجي لا۽ ناهي پوکبو اهو ٻين جي لا۽ زياده سک جو سبب بڻبو آ. جڏھن اسان پنهنجي ايندڙ نسل لا۽ علم جا دروازا کولينداسين ته اهي به اسان کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪندا ۽ اهو هر معاشري ۾ ٿيندو آيو آھي. اسين سنڌي پنهنجي ماضي کي به ته ان ڪري سونهرو چئون ٿا چاڪاڻ ته اهو علمي لحاظ کان دنيا ۾ برتر هيو ، ان کي وري حقيقت ڪرڻ لا۽ علم جوئي سهارو وٺڻو پوندو.
اسان کي پاڻمرادو جدوجهد ڪرڻي پوندي. اسان کي پنهنجن ٿورن وسائلن کي پُر اثر طريقي سان استعمال ڪرڻو پوندو. اسان کي والنٽيئر ٿيڻو پوندو. اسانکي پنهنجو محدود علم ھڪٻئي سان ونڊڻو پوندو، وقت ڏيڻو پوندو. باقي مسيحه جي خالي انتظار ڪرڻ سان ڪا تبديلي نه ايندي.
پاڻھي ايندم هوت، ڪجه آءُ به اڳ ڀري ٿيان. شاھ ڀٽائي
آھي ڪو جو هن موبائيل واري سنڌي ۾ رابطو پيدا ڪري؟