سنڌ ۾ سياست :- Politics in Sindh (Indus Valley Civilisation)

يار توھان سمجھو ڇو نـٿا ٽن مھينن کان پوء پنج ھزار ملڻ جي چڪر ۾ اسان سنڌي پنھنجو ووٽ بس وڏيرن ۽ ڀوتارن جي پارٽي پ پ پ کي ڏيون ٿاـ توھان ڪڏھن اھو سوچيو آھي ت انھي چڪر ۾ ن ت اسان جي ٻارن کي ڪا معياري تعليم ٿي ملي نـڪا صحت ۽ نڪا ڪا نوڪري ٿي ملي ـ انھن 5 ھزارن اسان جي مستقبل کي جھنم حوالي ڪري ڇڏيو آھي ـ ڪڏھن اھو سوچو آ تـ ھر مھيني تي توھان جو دوا دارون تي ڪيترو خرچ ٿو اچي توھان پنھنجن ٻارن کي پڙھايو پيا يا نـ ۽ جيڪڏھن پڙھايو پيا تـ اھا پڪ آھي تـ ميرٽ تي نوڪري ملندي? ڇو تـ سنڌ ۾ پ پ جو نعرو ڪرپشن آ ۽ اردو ۾ لگي رھو آ ـ توھان 5 يا وري 10 ھزار وٺي جيڪڏھن ووٽ وڪرو ٿا ڪيو تـ اھو توھان پنھنجن نسلن جي شھ رڳ ٿا ڪٽيو ـ ھا توھان پنھنجي مٿي مان اھاغلط فھمي ڪڍي ڇڏيو تـ بينظير ڪارڊ جا پـيسا
زرداري پنھنجي کيسي مان ٿو ڏي ـ بلڪــ اھي پيسا اسان توھان عوام جا آھن جيڪي اسان ٽيڪس جي صورت ۾ روزانو حڪومت کي ڏيندا رھون ٿا ـ مثال طور ڪو غريب/مزدور 400ڏھاڙي ڪماءي ٿو ۽ 200 روپين جو سودو خريد ڪري ٿو تـ انھي 200 روپين مان تقريبن 30/40 روپيا گھٽ ۾گھٽ حڪومت کي ٽيڪس طور ادا ڪري ٿو ـ جيڪڏھن پاڪستان جي ايڪيھ ڪروڙ آبادي مان صرف ڏھ ڪروڙ ماڻھو 30/40 روپيا روزانو ادا ڪندا تـ اھو حساب روزانو اربن ۽ کربن ۾ ٿي ٿوـ اھو ٽيڪس اسان ان جي ڪري ڏيون ٿا ت حڪومت اسان کي ھر سھولت ڏئي ـ بينظير ڪارڊ جھڙيون اسڪيمون ڀارت بنگلاديش ۽ آفريڪا جھڙن ملڪن ۾ ب ھلن ٿيون تـ ڇا اتي ب ڀٽو زندھ آھي!!! اھي اسڪيمون ان لا۽ آھن ت عوام اھا چوپڙي پيا کائين ۽ مڇرجن نـ ـ ادا اکيون کوليو ورنـ دير ٿي ويندي پنھنجو ووٽ سوچي سمجھي ڏيوـ ان کي نـ ڏيو جيڪو چوي تـ مان ان ووٽ کي مٽندو آھيان ـ ٿورو لکيو گھڻو سمجھنداـ ھا اھو بـ ٻڌو تـ ڪا مھل ڀٽو خاندان پ پ پ مان نڪتل آھي سڀ ٽڪيٽ زرداري خاندان کي مليل آھن اداـ پڙھيل دوستن کي گذارش آ تـ ھن پيغام کي ٻين تائين پھچائين مھرباني ـــــــــ