Vote for sale!

ووٽ کپايو پر سٺي قيمت ۾
ــــــــــــــــــــــــــــــــ

چاچا ڀورا خان ووٽ ڪنھن کي ڏيندي? بابا مراد خان صاحب ووٽ ان کي ڏبو جنهن جي باري ۾ وڏيرو ڪانڊيرو چوندوـــ ادا وڏيري ھن ڀيري سولر پليٽ بـ وٺي ڏيڻ جو واعدو ڪيو آھي ڀلا ادا اھو بـ انھن وڏيرن مان نڪتو چڱو ٻيو وري وڏيرا ڪھڙو اسان کي بوسڪي جو پٽڪو پارائينداـــ چاليھ پنجيتاليھ سالن کان ڪم ائين ھلندو اچي ابا اسان جا وڏڙا بـ ائين ئي ڪري وياـــ ادا ٻيو وري وڏيري جي ٻني بـ ڪاھيون پيا تـ ووٽ تي بـ ان جو ئي حق آ نـ بابلا ــ چاچا پر ووٽ تـ آزاد ٿي ڏيڻو آھي پنهنجي مرضي سان!? ھا ابا مرضي مالڪ جي آ جنھن کي بادشاھي جي تخت تي ويھاري ـــ پر چاچا توھان جي ھٿ ۾ بـ تـ ڪجھ آھي ــ پٽ مراد اسان غريبن جي ھٿ ۾ ڇاھي ابا? چاچا جيترا توھان غريبن جا ووٽ آھن اوترا تـ اميرن جا بـ ناھن ــ ھا ابا بروبر! چاچا توھان جو ووٽ ئي تر جي اميدوار کي MNA ياMPA ڪندو ۽ پوء اھو اسيمبلي ۾ وڃي اسان توھان جي ڳوٺ تعلقه ۽ ضلع جي لا۽ اسيمبلي ۾ ڳالھائيندو ۽ پو۽ اسان جا ترقياتي ڪم بـ ڪرائيندو ـــ ابا بروبر! پر پٽ ائين ھر وڏيرو اليڪشن ۾ چوندو آ پر ڪم تـ ڪونه ٿيندا ھن ابا وڏيرا شينهن آھن انھن کان ڪير پڇندو? ابا اسان کي ھن اليڪشن مان سولر پليٽ ملندي بس ٻچڙا ڪجھ سڪون ۾ ھوندا اھوئي لک آ اسان لا۽! چاچا او چاچا توھان ڪڏھن ترقي ڪندو۽ ڀلا توھان کي ڪجھ وٺڻو آھي تـ اھو وٺو جيڪو توھان جي ايندڙ نسل لا۽ تـ ڪم اچي ــ بابلا اھو ڀلا ڇا وٺون? چاچا پنھنجي ٻچن لا۽ سٺا سرڪاري اسپتال, سٺا اسڪول, سٺا صاف سٿرا ڳوٺ, ناليون ۽ نيڪر, روڊ ۽ رستا وغيره ــــ ھل ڙي ابا ايڏيون شيون ڪير ڏيندو با! چاچا اھو اسان جو حق آ ۽ ووٽ بـ ملڪ جي قانون ۾ ان جي ڪري آھي تـ ھر 5 سالن کان پو۽ اسان وري ڪنھن ٻئي پارٽي کي آزمايون اسان ڪنھن ھڪ اميدوار يا ڪنھن ھڪ اميدوار جو ٺيڪو ٿوڙئي کنيو آ ـــ ھڪ ڪم نـ ڪري تـ وري ٻئي کي آزمائجي چاچا تڏھن وڃي اسان جا جائز ڪم ٿيندا ــــ چاچا پنھنجو ووٽ کپائڻو اٿو تـ ان جي سٺي قيمت تـ وٺو! ووٽ ان شرط تي ڏيو تـ توھان جي ڳوٺ ۾ اسڪول ناھي تـ اھو ٺهي ملي, سالن کان ڪچي ۾ بجلي ناھي اھا وٺو, اسپتال وٺو, ناليون ۽ نيڪر وٺو ـــ چاچا اھي شيون توھان جي نسل کي ائين ڪم اينديون جيئن ڪنھن برپٽ بيابان ۾ ڪو وڻ ـــ چاچا آھستـ آھستـ ھڪ ھڪ شي۽ وٺو ھر اليڪشن ۾ پر ڪم واري شي۽ وٺو جيڪا دير تائين ھلي ـــ توھان وڏڙن جوئي چوڻ آ ڦڙي ڦڙي تلا۽ آ ـــ چاچا ڀورا سٺي تعليم ھوندي تـ تو وارو پٽ آفيسر ٿيندو نـ تـ ائين ئي توھان جي ابي يا ڏاڏي وانگر مال چاريندو ۽ ڪچي جي اوندھ ۽ مڇرن ۾ پيو پٽبو ــ اسپتال سٺي ھوندي تـ مفت اعلاج ٿيندو ورنه توھان کي پنھنجي اعلاج ڪرائڻ لا۽ مينهن يا ڪا ٻڪري کپائڻي پوندي ۽ ائين ئي توھان جا نسل توهان وانگر پيا لکن سالن کان غربت جي چڪي ۾ پيا پسندا ايندا ڪابه تبديلي ايسيتائين نـ ايندي جيسين اسان جي سوچ نـ بدلبي ـــ اسان ھر ھڪ جي سوچ بدلجڻ لازم بڻجي وئي آھي لحاظـ ڪجھ سوچو پنهنجي لا۽ نـ تـ ايندڙ نسلن لا۽ ــــــ ھائو ابا چوين تـ سچ ٿو پر مون ھڪڙي جي ھٿ جي تاڙي تـ نـ وڄندي ابا مراد! ـــ چاچا توھان پنهنجي گھر جا وڏا آھيو توھان جا 30 کن ووٽ تـ توهان پنهنجي مرضي سان ڏيو بس پئسن يا پليٽ لا۽ نـ اصيل شين لا۽ ــــ ھا ابا بس پو۽ ھن دفعي ڀلا ائين ڪري ٿا ڏسون ابا ڀلا من ڪو ڀلو ٿئي بس ھاڻي پليٽ نـ کپي تبديلي کپي ـــ اتي رکينس نـ چاچو ڀورو خان زنده باد ھاھاھا🌞☀⭐⭐🌈🌈