خدا ۽ امرو

خدا ۽ امرو؛ ڪهاڻي قسط پهرين

امرو جڏهن خدا کي چيو ته مونکي پنهنجي خدائي ڏي تڏهن کان خدا هن سان ڄڻ ناراض ٿي ويو هو ڇاڪاڻ ته هن جي مطابق هن جي روزمره جي زندگي ۾ ڪافي مسئلا مسائل شروع ٿي ويا هيا. جنهن ٽي وي شو ۾ هو رپورٽننگ ڪندو هيو انهي ۾ هن کي کسيس ڪم ملڻ لڳا جيڪي هن کي بلڪل بوريت ۾ مبتلا ڪرڻ لڳا نتيجي ۾ امرو به ٽي وي ڊائريڪٽر کي بد شد ڳالهايو پوءِ ٿيڻو ڇا هو هن کي لت هڻي نوڪري مان ٻاهرڪڍيو ويو. امرو جي رهندو ٽڪڻ ڦري وئي گاڏي ۾ سامان رکي آفيس مان روانو ٿيو ۽ سٺ تي ڪانٽو رکيائينس ۽ گڏوگڏ بڙ بڙ به ڪندو رهيو ۽ خدا کي معيارون ڏيڻ لڳو. چوڻ لڳو ‌‌‌” سڀ تنهنجا ڪم آهن، مان خدائي ڇا گهري مانءِ تو منهنجي نوڪري ئي چٽ ڪري ڇڏي! بس مونکي تون نه سهندي!“ ايتري ۾ هن جي نظر ڪار جي شيشي ۾ لٽڪيل تسبيھ تي پئي هم ڪيائين نه تم! تسبيھ کي کڻي زور سان ڪار مان ٻاهر ڦٽو ڪيائين تان جو اها وڃي سمنڊ ۾ ڪري. هي پنهنجي گاڏي ڪوسٽل هاء وي کان موڙيندي گهر ڏانهن روانو ٿيو. گهر پهچڻ کانپوء ڪنهن سان به نه ڳالهايائين ۽ نه ماني کاڌائين بس وڃي پلنگ تي اونڌو ٿي ستو ۽ سمهڻ سان ئي هن کي ننڊ اچي ويئي. گهر ۾ صرف امرو ۽ ان جي گهر واري ئي رهندا هيا کين أولاد به نه هيو. امرو گهڻو ماڊرن (جديد) خيالن جو ماڻهو هيو هو چوندو هيو ته جيسين ڪروڙپتي نه ٿيندو تيسين منصوبه بندي جاري رهندي. بس! خير جو رات جو آخري پهر ٿيو ته امرو جي سادي موبائيل جي سادي ۽ وڏي آواز واري رنگ ٽون وڳي ۽ امرو جي اک کلي ۽ ڏٺائين ته هن جي موبائيل اسڪرين تي هڪ اوپرو ۽ عجيب نمبر آهي هن اها ڪال نه کنئي ۽ ڪال کي رد ڪري وري پاسو ورائي سمهي رهيو، ٿوري دير ۾ وري ساڳي نمبر تان ڪال آيس هن کي به ڪاوڙ لڳي ۽ ڪاوڙ ۾ کڻي موبائيل ڀت ۾ هنيائين! پاڻ وري سمهي پيو. صبح ٿيو هي ننڊ مان اٿيو ۽ وهنجي سهنجي ناشتو ڪري اخبار پڙهڻ لڳو ته سندس ڪمري مان موبائل جو آواز اچڻ لڳو هن کي يادگيري آئي ته هن ته موبائل کي زور سان ڀت ۾ هنيو هو جلدي ۾ اٿيو ۽ ڪمري ۾ ويو ۽ ڇا ڏسي ته ساڳو نمبر اسڪرين تي ظاهر ٿيو هن ڪال کنئي اڳيان هڪ ڪڙڪدار آواز ۾ هن جو نالو کنيائين ۽ چيائينس ته ”ڇا توهان کي نوڪري جي ضرورت آهي؟ اهڙي نوڪري جنهن جا توهان سالن کان آتا آهيو.“ امرو کان دانهن نڪري وئي ها ها! مونکي اهڙي نوڪري کپي. امرو چيو توهان ڪير؟ جواب آيو جيڪڏهن نوڪري کپئي ته جلدي منجهند هڪ بجي سپرمارڪيٽ جي آخري منزل تي پهچي وڃجان. امرو سهڪندي ها ڪئي ته ڪال به ڪٽجي وئي. هن هلو هلو ڪئي پر جواب نه آيو. امرو بعد ۾ خيال ڪيو ته موبائل جي حالت صفا خراب نظر آيس ۽ عجب ٿيس ته هن تي ڪال ڪيئن آئي خير هن وري دل ۾ چيو ته ڀاڳ ٿئي ڀيڻو ته دال مان سيرو! جلدي تيار ٿيو گهڙيال تي نظر پيس ته صرف هن وٽ اڌ ڪلاڪ ئي بچيو هو ڇاڪاڻ ته هن کي دير سان سجاڳي ٿي هئي. امرو بڙ بڙ ڪئي ته بس هٿ منهن ڌوئي نڪران نه ته سپر مارڪيٽ نه پهچي سگهبو. جلدي ۾ تيار ٿي گهران نڪتو. ڪار ورائي سٺ تي ڪانٽو رکيائينس. بس دل ۾ بڙ بڙ ڪندو اچي ويجهو پهچڻ وارو ئي هيو ته ڪار لهرون هڻڻ لڳس ۽ پوء بند ٿي ويس! گهڻي ڪوشش ڪيائين پر گاڏي ٺپ بند ٿي ويس سوچئين ته پيٽرول به جام آ گاڏي ڇو هلي ئي نه ٿي ته اتي وري خدا کي ابتيون سبتذيون معيارون ڏيڻ لڳو. ” او خدا! تنهنجي مونسان آخر دشمني ڪهڙي آ؟ ڇو ڀلا منهنجي پويان پيو آ؟ ٻڌو آ نيڪ بندن جي آزمائش وٺندو آ پر مان ته نيڪ ناهيان ٻيا اٿئي نه انيڪ نيڪ ماڻهو انهن ڏي وڃ، بس! منهنجي جان ڇڏ با! مون وٽ خدائي هجي ها ته سڀني انسانن کي ٽيڪرايان ها….“ اتي وري ياد آيس ته ٽائيم ٿورو آ نوڪري لاء ڪئين به ڪري سپر مارڪيٽ پهچڻو آ ان ڪري سوچئين گوڏا گاڏي زنده باد. گاڏي کي لاڪ ڪري، وٺي اتان ڀڳو. پنڌ ڀڄندو ڀڄندو! اچي مارڪيٽ پهتو. جڏهن لفٽ وٽ پهتو ته اها ڪم نه پئي ڪري، ڀرسان هڪ صفائي ڪندڙ کان پڇئين ته ان چيس ”لفٽ خراب آ“ اتي وري خدا تي ڪاوڙ آيس. خير! وٺي اتان ڏاڪڻن ڏانهن ڊوڙيو آخر ستين منزل تي پهچڻو هيس سو سهڪندو سهڪندو وڃي آخري منزل تي پهتو. اتي هيڏي هوڏي نهاريائين ته سڄي منزل خالي نظر آيس، حيران ٿيو ته ڪٿي غلط منزل تي ته نه آيو آهيان. اچانڪ هڪ ڏاڪڻ تي نظر پيس جيڪا ان منزل جي بلڪل وچ تي سڌي بيٺل نظر آيس. اڳتي وڌي ڏٺائين ته هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيس پيارا! روشني واريون بتيون ٻريون؟ ايتري ۾ ان منزل جا ڪجھ رهيل بلب روشن ٿيا ۽ سڄي منزل نوري بڻجي وئي. امرو کان نه چاهيندي به وڏي آواز ۾ ”هائو هائو“ نڪري وئي. ايتري ۾ هڪ همراھ سفيد پوشاڪ پهريل ڏاڪڻ مٿان هيٺ لهڻ لڳو. جيئن ئي هيٺ لٿو ۽ امرو جي نظر هن جي چهري تي پئي ته هن جي حيرانگي جي حد نه رهي. امرو رڙ ڪري چيو ته تون ته هينئر هيٺ صفائي پيو ڪرين تون يڪدم هن منزل تي ڪيئن پهتين؟ هم….همم! تو مونسان ڪوڙ هنيو ته لفٽ خراب آ ۽ پاڻ لفٽ استعمال ڪري هتي پهچي وئين ۽ هي ڇا ڪجھ دير پهريان ته توکي صفائي ڪرڻ وارا ڪپڙا پهريل ها ۽ هينئر وري سفيد بوٽ سوٽ! واھ! سفيد پوش شخص چيس”تون امرو پٽ شمڙو آهين نه؟ ۽ هتي نوڪري لاء آيو آهين نه؟“ امرو کي حيرانگي ٿي ته هن کي اها خبر ڪيئن پئي.”خير“ امرو چيو،”هتان جو مالڪ ڪير آ مونکي ان سان ملڻو آ.“ سفيد پوش وراڻيو ”هتان جو ڪرتا ڌاتا آءُ ئي آهيان ۽ مون ئي توکي هتي گهرايو آ.“امرو هيڪاندو پريشان ٿي ويو  ته هڪ صفائي ڪندڙ وري  مالڪ ڪيئن ٿيو؟ ”خير“ امرو چيو ”وڏا ماڻهو وڏيون ڳالهيون! چيائين وڏا! نوڪري لاء توهان گهرايو آ يا اڃا ڪو ٻيو مالڪ آ هن خالي منزل واري ڪاروبار جو؟“ سفيد پوش وراڻيو ”امرو پٽ شمڙو تون ڏاڍو تڪڙو آ، وڏيون معيارون ڏيندڙ آ، هر ننڍي وڏي ڳالھ جو قصوروار خدا کي ڪندو آ. چاهي اهو هلندي ۾ ٿاٻو ڇو نه اچئي بس هر معيار خدا کي ڏيندو آ ڇو ڀلا؟“ امرو هڪو بڪو ٿي ويو ۽ دل ۾ غصو آيس ۽ زهر جو ڍڪ سمجهي پي ويو. چيائين ” او مسٽر! آء توهان جي تقرير ٻڏڻ نه آيو آهيان مان نوڪري لاء آيو آهيان نوڪري لاء. بحرحال! لڳي ٿو ته تون به ڪنهن گم ڪرڻ واري ايجنسي جو ماڻهو آ جو منهنجي ننڍڙين ڳالھين جي به توکي خبر آ! ويسي منهنجو وقت َضايع نه ڪريو مونکي هتان جي مالڪ جي باري ۾ ٻڌايو توهان جي مهرباني ٿيندي.“ سفيد پوش وراڻيو،”امرو هن منزل جو مالڪ، تنهنجو مالڪ ۽ هن جهان جو مالڪ هڪ ئي آهي ۽ اهو تنهنجي سامهون بيٺو آ بس رڳي تون پنهنجيون اکيون کول ۽ سڃاڻ مان خدا آهيان.“ امرو کان ٽهڪ نڪري ويو چيائين ”ڇا! ها ها ها…ڇا چيو وري ٻڌائجو خدا بخش؟ اهو ته منهنجو پراڻو يار هو ويچارو ويو هي جهان ڇڏي ڏاڍو ڀلو دوست هو منهنجو…“ ”امرو مونکي تنهجي اها خوش مزاجي ڏاڍي وڻندي آهي خاص ڪري جڏهن تون پنهنجي اردگرد موجود ماڻهن کي مسڪرائڻ تي مجبور ڪندو آ، تنهجي اها نيڪي ڏاڍي پسند آ مونکي. بحرحال! هاڻي پاڻي سر کان تار ٿي ويو آ تنهنجون روزمره جون خام و خواه جون معيارون ٻڌي آءُ به تنگ ٿي ويو هان! خاص ڪري جيڪا هاڻي تون بار بار خدائي وٺڻ جي فرمائش ڪندو آ ته مونکي به عجيب لڳندو آ ته ڇا هڪ انسان به خدائي هلائي سگهي ٿو ڇا؟ هاڻي جڏهن خدا تنهجي سامهون آ ته وري ان سان به مزاق پيو ڪرين! تون واقعي ٽڪڻ ڦريو آ ڇا امرو؟“ هو وري به کل ۾ ٻٽجي ويو ”تون انسان جي روپ ۾ وري خدائي جو دعويدار بس ڪر ڀائو ٻڌئي نه ڪو ملو ته ڏيئي نه مرتد هجڻ جي فتوا. بس ادا لڳي ٿو ته هن دنيا ۾ رڳو مان ئي چريو ناهيان بلڪه گهڻائي چريا آهن. بس ڀاء نوڪري وئي ڀاڙ ۾ مان هلان ٿو… سفيد پوش هڪدم چيس ”تون جڏهن ننڍو هئين ته سجدن ۾ لڪي لڪي خدا کان هڪدم پيسن جي گهر ڪندو هئين! وري پيسا نه ملڻ تي هڪ ٻه ڏينهن عبادت نه ڪندو هئين ڇا امرو اها ڳالھ وسري ويئي؟ هڪ دڪاندار جي دڪان تي رش جو فائدو وٺي هڪ رپئي جون ريوڙيون وٺندو هئين ۽ پوء رپيو به هن کي نه ڏيندو هئين ياد آيئي ڪجه يا اڃا ڪجه ياد ڏياريائين؟ ۽ ها تنهنجا اڄوڪا آخري خدا کي معيار ڏيڻ وارا لفظ هي هيا نه؟ ”ٻڌو آ نيڪ بندن جي آزمائش وٺندو آ پر مان ته نيڪ ناهيان ٻيا اٿئي نه انيڪ نيڪ ماڻهو انهن ڏي وڃ، بس! منهنجي جان ڇڏ با! مون وٽ خدائي هجي ها ته سڀني انسانن کي ٽيڪرايان ها“ امرو اتي گهري سوچ ۾ پئجي ويو ۽ ٿورو گهٻرايو پر وري پر سنڀالي چوڻ لڳس ”لڳي ٿو تون ڪا واڪئي پهتل شيءِ آ. ڀائو هاڻي واقعي ڀئو ٿو ٿئي مان وڃان ٿو، خدا حافظ.“ ائين چئي امرو پٺي ورائي ته سفيد پوش چيس” امرو پهريان حق حساب ته ڏي پوءِ ڀلي و‌ڃ.“ امرو مڙندي چيو ”ڪهڙو حساب ادا؟“ سفيد پوش هڪ ديوار ڏانهن اشارو ڪيس ۽ چيس ته” تنهنجي سموري زندگي جو حساب ڪتاب انهي ديوار سان لڳل ميز ۾ موجود خاني جي فائيل ۾ درج آ تون پاڻ چڪاس ڪري سگهين ٿو“ امرو ڪجھ دل ۾ سوچو ۽ ان ديوار ڏانهن وڌيو ۽ جيئن ئي خانو پاڻ ڏانهن ڇڪيائين ته خانو زور سان کليو ۽ تيز رفتاري سان کلندو ويو جو امرو کي به پاڻ سان گڏ کنيون ويو بلڪل امرو جي گاڏي وانگر سٺ تي ڪانٽو! خانو کلندو ويو ۽ امرو کي ديوار جي هڪ ڪنڊ کان کنڻي وڃي ٻي ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪيائين! امرو جيڪو خاني سان گڏ گسڪندو آيو آخر خيرو ٿي ڪري پيو ۽ ٿوري دير کانپوءِ هوش سنڀاليائين، ڪپڙا ڇنڊي اٿي بيٺو، هار نه منڃيندي چيائين” هممم… خانو ديوار ۾ اندر هيو ۽ اهو به آٽوميٽڪ جو کليو ته بريڪ ئي نه هنيئين! وڏا ڏاڍو ڏنگو آ.“ سفيد پوش هن کي ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ هڪ فائل خاني مان ڪڍي پڙهڻ لڳو. ”امرو تون ڄائو هئين ته تنهنجي پيءُ بصر کپائي تنهنجي ڇٺي ڪئي هئي.“ وري ٻيو فائل کڻي چيائين،” پرائمري اسڪول جي استاد تي توکي ڪاوڙ هئي ته اهو بورڊ تي گهرائي ڪجھ لکرائيندو هيو ۽ پاڻ ٻارن جي پويان بيهندو هيو ۽ توکي ته ان تي چڙ ايندي هئي جڏهن هو توکي بورڊ تي لکڻ لاءِ گهرائيندو هيو.“ اهو ٻڌي امرو پريشان ٿيو ڇاڪاڻ ته اها ڳاله اڄ تائين هن ڪنهن کي به نه ٻڌائي ته متان هن جا والدين ۽ مٽ مائٽ هن کي ئي غلط سمجهن. هو خيالن ۾ ئي گم هيو ته سفيد پوش وراڻيو ”اڃا ڪو ثبوت کپئي منهنجي خدا هجڻ جو؟ اڃا راز فاش ڪيائين ڇا؟“ امرو يڪدم موضوع مٽائيندي پنهنجا هٿ پٺي پويان ڪري خدا کان پڇڻ لڳو ”جي تون خدا آهين ته ٻڌا منهنجون گهڻيون آڱريون کليل آهن؟ سفيد پوش مسڪرائيندي چيس ”ڪيئي نه ٻاراڻي ڳاله خدا کان بس ايتري آزمائش پيو وٺين!“ امرو وراڻيو ”بس تون مونکي ٻڌائيندو وڃ“ سفيد پوش ٻڌائيندو ويو”ٻه، چار، ست، ڇه“ امرو مٽائيندو ويو ۽ آخر ۾ صرف هڪ هٿ جون پنج آڱريون کولي پڇيائينس”هاڻي ٻڌا!“ سفيد پوش چيس ”ست!“ ”ها ها ها!… “ امرو وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ ساڄي هٿ کي اڳتي وڌائي چيائين ته ”اي خدا هڪ هٿ ۾ صرف پنج ئي آڱريون هونديون آهن ست نه! ائين چئي هڪدم هٿ اڳتي وڌايائين ته ان ۾ پنجن جي بجائي واقعي ست آڱريون ٿي ويون. ”ابا ڙي ابا! هي ڇا؟“ هٿ کي امرو ٻه ٽي دفعا لوڏيندي دانهن ڪئي ، اتي صفا همراه خوف خدا ۾ وٺجي ويو ۽ پوئتي هٽڻ لڳو. سفيد پوش اڳتي وڌيو ته امرو ويتر پوئتي هٽيو. امرو کي يقين اچڻ لڳو ته واقعي هي خدا آ يا ان جو ڪو عڪس! سفيد پوش چيس ”امرو ڇا ٿيو؟ هاڻي ٻڌا نه ڇا کپئي خدا يا ان جي خدائي؟“ امرو کان پگهر پيشاني تان هلڻ لڳو. ”هاڻي گهر ته توکي ڏيان هونءَ به آءُ تنگ ٿي پيو هان تنهنجي روز جي شڪايتن مان. هاڻي توکي مان اها طاقت ٿو ڏيان جو جيڪو ارادو ڪندين اهو توکي ملندو.“ امرو اڃا به پوئتي هٽيو ۽ ڀڄڻ جي ڪيائين. سوچائين ته خدا سوچن ۾ ئي ڀلو لڳندو آ سامهون وارو خدا ڏاڍو ڏنگو آ. ايتري ۾ سفيد پوش چيس ”هاڻي هن منزل تان وڃڻ کان پوءِ تون ساڳيو امرو نه رهندين بلڪه امرو طاقتور سڏبين. طاقت، ارادي جي طاقت.“

Leave a comment